پير جنان جي مقبري جو ڏيک

پير جنان جي مقبري جو ڏيک

پير جنان جي قبرستان ۾ مقبرو

پير جنان جي قبرستان ۾ مقبرو: پير جنان جي قبرستان، ديهه اين. اي- 87، تعلقي ۽ ضلعي نواب شاهه (هاڻوڪي بينظير آباد) ۾ واقع هي مقبرو ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جو معلوم ٿئي ٿو. هن قبرستان کان ڏيڍ ڪلوميٽر اوڀر طرف اسلم بروھيءَ جو ڳوٺ، 500 ميٽر اتر طرف پٺاڻ ڳوٺ، 200 ميٽر اولهه ۾ چانڊين جو ڳوٺ، ڏکڻ ۾ ٻن ڪلوميٽرن پنڌ تي ڄام صاحب نواب شاهه روڊ ۽ 8 ڪلوميٽر اتر اولهه تي نواب شاهه جو شهر آھي. ھي ماڳ اتر ويڪرائي ڦاڪ260 15\' \'42\"\'\' ڊگريون ۽ اوڀر ڊگھائي ڦاڪ 680 28\' 00\"\'\' ڊگرين ۾ واقع آھي. ھن مقبري جي ڊيگهه ويڪر 6.10 ميٽر ۽ اوچائي 8 ميٽر، رٿ ۾ چورس آھي. ھن جي اڏاوت ۾ پڪيون سرون (ص: 24x18x4) گل ۽ گارو استعمال ٿيل آھي. اونھي ڪمان سان اوڀر ۾ دروازو ڏنل آھي. ھر پاسي، مھاڙي کي ڇڏي 10 عدد مستطيل پانيل ٻن قطارن ۾ ھڪ ٻئي جي مٿان ٺھيل آھن. اتر ۽ ڏکڻ ۾ دريون ھوا جي گذر لاءِ ڇڏيل آھن. گنبذ، اٺڪنڊي ڳچ (Drum) جي مٿان ٺھيل آھي. جيڪو مقامي طرز جو گول نموني جو ٺهيل آھي. گنبذ تي به ٻه دريون ھوا جي گذر لاءِ اتر ۽ ڏکڻ ۾ ڇڏيون ويون آھن. گنبذ جي مٿان ابتو ڪنول گل (مھاپدما) ٺھيل آھي. گنبذ جو نمونو آدم خان جي اوائلي ٺهيل مقبري واري گنبذ سان ملي ٿو، جيڪو 1561ع ڌاري ٺاھيو ويو ھو. گنبذ ۽ گنبذ ڳچ تي چن جو پلستر ٿيل هو، جيڪو اکڙي ويو آھي، باقي سڄو مقبرو لنبيل ڪونه آھي. حجرو چوڪنڊيءَ نموني جو آھي. اندر ڇتين تي ونگن وارا طاق ٺھيل آھن. اندر ھڪ قبر آھي، جنھن تي ڪوبه ڪتبو وغيره لڳل نه آھي، تنهنڪري اها خبر ڪانه ٿي پوي ته مدفون ڪيرآهي، هاڻي گنبذ جو ڪجهه حصو ڪري پيو آھي. ھن وقت مقبرو خراب حالت ۾ آھي. بنيادن وٽان ٻن ميٽرن تائين سرون کاڄي ويون اٿس. مھاڙيءَ جون اگھاڙيون سرون به وقت جي ڪري ڪاراٽجي ويون اٿس. مقبرو مرمت طلب آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو